’خالدي‘ علي محمد

’خالدي‘ علي محمد

خالدي علي محمد

’خالدي‘ علي محمد: علي محمد ’خالدي‘ ولد نهال خان لاشاري10 جون 1925ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ٺٽي مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچي، بي. اي 1949ع ۾ ۽ ايل. ايل. بي 1951ع ۾ پاس ڪيائين. 1952ع ۾ پهرين ٺٽي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1964ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين. شاعريءَ ۾ رهنمائي مرحوم غلام احمد نظاميءَ کان ورتائين. هيءُ سنڌ جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. خالدي علي محمد بنيادي طرح نظم جو شاعر هو. سندس تصنيفن ۾ ’نسيم سحر‘، (شاعري)، ’مڪليءَ جا پراسرار داستان‘ ۽ ’خاموش گواهه‘ قابل ذڪر آهن. سندس ’ڪليات خالدي‘ قلمي صورت ۾ آهي. خالدي علي محمد جميعت الشعراءُ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. هن 30 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: بدلجن پيون تقديرون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون، ٿين ٿيون نقش تحريرون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.


لفظ خالدي علي محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.06.10  عيسوي

علي محمد ’خالدي‘ ولد نهال خان لاشاري10 جون 1925ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو.


1972.08.30  عيسوي

علي محمد ’خالدي‘ 30 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري عبدالرحيم
ٽيڪچند مست
باغي حليم
رحيم بخش قمر
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
مخدوم محمد عارف سيوستاني 2
زرڪ خان لاشاري
ابو ضلع السندي
ارشاد سومرو
ٺٽوي رضي الدين فدائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون